مبارڪپور / بدامنيءَ خلاف جسقم ۽ شهرين جو گڏيل احتجاج،پوليس خلاف سخت نعريبازي

2 years ago
1

مبارڪپور / بدامنيءَ خلاف جسقم ۽ شهرين جو گڏيل احتجاج،پوليس خلاف سخت نعريبازي

مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم ۽ شهرين پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهيءَ موقعي تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جسقم اڳواڻن ۽ شهرين محمد صالح مهر ، ڪامريڊ لياقت سرڪي ، مختيار مهر علي احمد مھر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٺل جيڪب آباد روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي شهرين جو چوڻ آهي ته شهر اندر هڪ ئي گهر مان 4 مينهون جي چوري، موٽر سائيڪل ڦر جوا ، منشيات ۽ ٻين قسمن جون سماجي برايون چوٽ چڙهي ويون آهن جنهن ڪري اسان شهري سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون شهرين ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنه کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر اندر امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ مبارڪپور جي نااهل ايس ايڇ او انيس شيخ کي هٽائي ان جي جاءِ تي ٻيو آفيسر مقرر ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

وحيد کوسو مبارڪپور

Loading comments...