دادو جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي 2 سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

2 years ago
5

دادو / رپورٽ بيورو چيف

دادو جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي 2 سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
دادو جي فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ ايم ٽي ايم سي محمد اشرف ڏھراج جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام ۾ جوابدار قاسم انصاري کي 2 سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو , قاسم انصاري سال اڳ سعيد سومرو کي 15 لک روپين جو ڪوڙو چيڪ ڏنو ھيو , جو اھڙو ڪيس گناهه نمبر 89/2021 ڏوهه قلم 489-F پي پي سي تحت پوليس اسٽيشن دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي سعيد سومرو جي فرياد تي ASI شمسالدين ملاح داخل ڪيو ھيو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو , جوابدار کي جڊيشل لاڪپ مان سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

Loading comments...