رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران روزمره جي شين جا مناسب اگهه مقررڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي

2 years ago
1

دادو رپورٽ بيورو چيف عرفان برهماڻي

رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران روزمره جي شين جا مناسب اگهه مقررڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنردادوسميع الله نثارشيخ جي صدارت ۾ درٻارهال دادو ۾ ٿي گذري گڏجاڻي ۾ سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ واپارين شرڪت ڪئي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنردادو چيوته هڪ مسلمان جي حثيت ۾ اسان سڀني جوفرض آهي ته ٻين جواحترام ڪريو ۽ هن مقدس مهيني دوران ماڻهن کي روزمره جون شيون مناسب قيمت تي فراهم ڪيون ته جيئن روزائتن سميت غريب ۽ عام ماڻهن کي سهولت فراهم ٿي سگهي هن چيوته اسلام پڻ وڌيڪ منافعو وٺڻ کان روڪي ٿو ان ڪري اسان کي جائزمنافعووٺڻ گهرجي اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنردادو تاجرن ، واپارين ۽ دوڪاندارن کي هدايت ڪئي ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه پاران روزمره جي کاڌي پيتي جي شين کي مقررڪيل اگهن تي عوام کي فراهم ڪيون وڃن ۽ ذخيره اندوزي ، بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن ۽ ناجائزمنافعي خورن سان گڏ وڌيڪ اگهن تي شيون وڪروڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ڪنهن کي به بخش نه ڪيوويندو ان لاء روينيوعملدارن کي گهرجي ته شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بازارون ۽ مارڪيٽنگن ۾ وڃي نگراني ڪن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي شين جي اگهن مقررڪرڻ واري لسٽ نمايان جاء تي لڳائي وڃي ڊپٽي ڪمشنرگڏجاڻي ۾ سيپڪو۽ سوئي گيس جي عملدارن کي هدايت ۽ پابند ڪيو ته رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطاري وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ۽ ڊپٽي ڪمشنرآفيس ۾ شڪايتي سيل قائم ڪيووڃي شڪايت ملڻ شرط قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي ڊپٽي ڪمشنرسڀني ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽين جي عملدران کي سختي سان هدايت ڪئي ته رمضان شريف ۾ شهرن ۽ خاص ڪري عبادتن گاهن جي روڊن ۽ رستن تي صفائي سٿرائي کي يقيني بنايووڃي

Loading comments...