ڀان سيدآباد ۾ پورهيت پيرل رودناڻي پنهنجي سڳي ڀيڻ عالم خاتون سان گڏ بااثر جي ظلم کان تنگ ٿي سراپا

2 years ago
2

رپورٽ اظھر علي ڪنڀر ڀان سيدآباد....

ڀان سيدآباد ۾ پورهيت پيرل رودناڻي پنهنجي سڳي ڀيڻ عالم خاتون سان گڏ بااثر جي ظلم کان تنگ ٿي سراپا احتجاج

علي حسن عرف ملازم رودناڻي سان مال جو ڀائچارو هيو حساب ڪرڻ تي جان جا ويري بڻجي ويا آهن

واقعي جي رپورٽ جي لاء ڀان پوليس 20 هزار رپيا رشوت ورتي پر جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاء جوابدار ڌُر کان ٻيڻي رشوت وٺي اسان کي حراسان ڪرڻ شروع ڪيو آهي

مال جي ڀائچاري جي معاملي تي اختلاف شروع ٿيا جنهن بعد مون تي ظلم شروع ٿيو ۽ منهنجي سالي نالي علي حسن عرف ملازم پي ايس خيرو ديرو تي منهنجي سڳي ڌي سُميا جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

اڄ رات 11 وڳي جوابدارن منهنجي گهر تي حملو ڪيو منهنجي دڪان تان اله تله کڻي ويا آهن جنهن جي فرياد لاء ڀان پوليس وٽ وياسين پر انصاف نه ٿيو فرياد جا پوليس 20 هزار رپيه ورتا بعد ۾ جوابدارن کان رشوت وٺي اسان کي ٿاڻي تان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آهي

پڙديدار خاندان سان تعلق آهي مجبور ٿي ڪري ميڊيا ذريعي اعليٰ اختيارين کان نوٽس وٺڻ جي لاء پريس ڪري رهيا آهيون

ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو ڊي ايس پي سيوهڻ نوٽس وٺي تحفظ فراهم ڪن ۽ فورن جوابدار گرفتار ڪن....

Loading comments...