مراد چانڊيو تائين سم شاخ ۽ نارا ڪئنال کان نڪرندڙ.R D 1 کان 52 R D تائين ڪڏڻ شاخ کي ڪافي سالن کان

2 years ago
7

خيرپور ناٿن شاھ لڳ ڳوٺ وليداد چانڊيو کان نڪرندڙ سم شاخ مراد چانڊيو تائين سم شاخ ۽ نارا ڪئنال کان نڪرندڙ.R D 1 کان 52 R D تائين ڪڏڻ شاخ کي ڪافي سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن علائقي واسين ھارين زميندارن کي سخت ڳڻتي واري ڪيفيت ڇانيل آهي
ڪڏڻ شاخ ۽ سم شاخ جا ٻنھي پاسن جا ڪپر کاٽي نه ٿيڻ سبب مڪمل ڪمزور ٿي چڪا آهن.جڏھن برساتن جي موسم ۾ برسات جي پوڻ سبب ھر وقت سم شاخ کان گھارا پوڻ تي آبادگارن جا پوکيل فصل ٻڏي وڃڻ سبب ڪروڙين رپين جو آبادگارن توڙي زميندارن کي نقصان ٿئي ٿو
گھارا پوڻ سبب ايريگيشن کاتي جو عملو نه پھچڻ سبب علائقي واسين آبادگار توڙي زميندار پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ٻڌندا آهن بند ٻڌڻ کان پوءِ ايريگيشن عملو پھچي ڦوٽو سيڪشن ڪري لکين روپين جا ڪوڙا بل ٺاهي حڪومت کي لکين روپين جو چونو لڳائيندا آهن
ايريگيشن کاتي جو عملو ھر وقت کاٽي جي مد ۾ ڪروڙين توڙي اربين رپين جا ڪاڙا بل پاس ڪرائي پنھنجي ڀڀ ڀرڻ ۾ مصروف
آبادگارن توڙي زميندارن جي شڪايت تي ايريگيشن کاتي جو انجنيئر.اي سي.چيف.ايس ڊي او ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو
زميندار رفيق احمد کوسو .نذير احمد کوسو.مختيار علي لانڊر . محمد گاڏهي . احمد سنڌي ميڊيا اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته اسان جي نارا ڪئنال توڙي سم شاخن.ڪڍڻ شاخن جون کاٽيون ڪافي سالن کان نه ٿيڻ سبب ڪڏڻ شاخ.سم شاخ لٽجي واھن ۾ تبديل ٿيڻ جا ڏيک ڏيڻ لڳا وڌيڪ ھنن چيو ته ايريگيشن کاتي جو عملو ڪرپشن ڪري کاٽي جي مد۾ ڪروڙين رپين جا ڪوڙا بل ٺاهي آفيسر ۽ بااثر ماڻهو حصو پتي ڪري حڪومت کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا
ڪڏڻ شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ نيڪال جو زھريلو پاڻي ڪڏڻ شاخ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب
ڪڏڻ شاخ توڙي جي آس پاس ۾ رھندڙ ڳوٺن توڙي ڪالونين جو جر جو پاڻي زھر بڻجي ويو آهي جنھن مان سوين بيمارين منھن ڪڍيو آھي علائقي واسين ۾ بيچيني پکڙيل آهي
علائقي واسين ھارين توڙي زميندارن.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ھاء ڪورٽ ڪراچي. نيب.اينٽي ڪرپشن ۽ اعلي حڪام کان نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
کاٽي جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪري ملوثن خلاف ڪيس داخل ڪري نارا ڪئنال.سم شاخ.ڪڏڻ شاخ جي کاٽي مڪمل ڪرائي آبادگارن کان مايوسي ختم ڪئي وڃي
رپورٽ محمد حسن کوسو

Loading comments...