ٽيلينار فرينچائز جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جو افتتاح پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي ميرطارق علي خان

2 years ago
5

ڊگھڙي(رپورٽر سيد نويد شاھ) سهيل ھاشم قائمخاني ۽ زين نظام قائمخاني طرفان ڊگهڙي شهر ۾ ٽنڊوغلام علي روڊ تي ٽيلينار فرينچائز جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جو افتتاح پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي ميرطارق علي خان ٽالپر صاحب جن ڪيو،ان موقعي تي جناب ميرشارق علي خان ٽالپر،اڳوڻو ضلع وائيس چيئرمين ميرحاجي احمد خان ٽالپر،اميدوار چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڊگهڙي ميرذوالفقار علي خان ٽالپر،مير فتح خان ٽالپر،مير عزير خان ٽالپر،ميرڪاشف ٽالپر،ميرعبدالرافع ٽالپر،ميرجاني خان ٽالپر،مير خان بهادر ٽالپر،بابو محمد حنيف آرائين،رئيس زنو خان نوحاڻي،پ پ يوٿ ونگ سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اعظم خان نوحاڻي،تعلقه ايجوڪيشن آفيسر درمحمد شالماڻي،وسيم احمد خان قائمخاني،سياسي سماجي اڳواڻ علي حسن خان قائمخاني،ڊاڪٽر ساجد مدد علي خان قائمخاني،انجنيئر ظمير خان قائمخاني،صفدر علي خان قائمخاني،چوڌري احسن گل،چوڌري خالد گل،چوڌري عبدالرئوف عرف روفي سميت معزز شهرين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،افتتاحي تقريب کي پارلياماني سيڪريٽري ميرطارق خان ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ڊگھڙي ۾ شهر ڪاروبار جي حوالي سان ميرپورخاص ضلع ۾ اهم حيثيت رکي ٿو عوام کي فائدو پهچائيندڙ واپارين کي ميدان تي اچڻ گهرجي سندن هرممڪن مدد ڪئي ويندي افتتاحي تقريب بعد مهمانن لاء گهونگٽ شادي هال ۾ ماني جو بندوبست ڪيو ويو هو

Loading comments...