وڳڻ، پوليس پاران ڪالھ ياروديرو مان نوجوان کي کنڀي کڻي وئي ۽ بعد ۾ هاف فرائي ڪري مقابلو ڄاڻائي ڇڏيو

2 years ago
1

وڳڻ رپورٽ عاشق علي مغيري

وڳڻ، پوليس پاران ڪالھ ياروديرو مان نوجوان کي کنڀي کڻي وئي ۽ بعد ۾ هاف فرائي ڪري مقابلو ڄاڻائي ڇڏيو جنهن کان پو۽ پنهور برادري ۽ جي يو آ۽ سميت مختلف ماڻھون پاران سيٺ منصور علي پنهور ، سيٺ ديدرار علي پنهور ، قاري محمد عثمان مغيري ، مولانا ولي الله تنيو ، ارشاد علي وڳڻ ، محبوب علي پنهور، حنيف پنهور ۽ ٻئن پاران پوليس جي ناجائزين خلاف لاڙڪاڻو ڪراچي مين انڊس ها۽ وي تہ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب طرف ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو تہ ايس ايڇ او وڳڻ ڪالھ اسان جي گهرن ۾ ريٽ ڪري نوجوان فيصل پنهور کي کنڀي کڻي وئي ۽ رات جو ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري هاف فرائي ڪري ڇڏيو آھي نوجوان فيصل پنهور جي پيرسن پيء منصور علي پنهور ٻڌايو تہ منهنجو نوجوان پٽ ڪافي عرصي کان وٺي سعودي عرب ۾ روزگار ڪندو هيو جيڪو ڪجھ ڏيهن اڳ موڪل ڪري ڳوٺ ايو تہ وڳڻ پوليس اسان سان ظلم ڪري بيگناھ هاف فرائي ڪري نوجوان کي گهمڻ ڦرڻ کان ويهاري معذور ڪري ڇڏيو آھي پوليس اسان شريف ماڻھون جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي هر روز ڪنهن نہ ڪنهن ڪوڙن ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائي تباھ ڪري ڇڏيو آھي اسان مجبور ٿي ڪري مين انڊس ها۽ وي روڊ بلاڪ ڪيو آھي آ۽ جي سنڌ ، ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر معملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او وڳڻ خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪري تحفظ ڏنو وڃي نت اسان جو هي ڌرڻو مرڻ گھڙي تائين جاري رهندو هوڏانهن مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ جي لا۽ ڊي ايس پي وڳڻ ايٽ نصيرآباد رياض حسين عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو تہ معملي جي صاف شفاف نموني سان انڪوائري ڪئي ويندي ڪنهن سان به ناانصافي ڪون ٿيندي

Loading comments...