دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل

2 years ago
7

دادو:
رپورٽ: اڪرم شاھاڻي

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جو جج نديم بدر قاضي موڪل تي هجڻ سبب 28 مئي تائين ملتوي ٿي وئي، فريادي ڌر پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت نه پهتا، جڏهن ته الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت پهتا، ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ پارا اسٽي آهي ڪيس نه ٿو هلي، هن چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي بيگناهه آهيون عدالتن تي ڀروسو آهي.

Loading comments...