پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو فائرنگ بشير ميربحر کي زخمي حالت ۾ ۽ سندس کي پڻ بندوق سميت گرفتار

2 years ago
1

وڳڻ رپورٽ عاشق علي مغيري ،،،،،،

وڳڻ لڳ علي اصحابو لنڪ روڊ تي ڏاتو تيوڻا پل وٽ فجر مھل پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بشير ميربحر کي زخمي حالت ۾ ۽ سندس ساٿي ننڍي ڀاءُ منٺار ميربحر کي پڻ بندوق سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي جڏھن ته ٻه ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب زخمي ڏوھاري کي پوليس اسپتال منتقل ڪري ٻئي کي لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو مٿن پوليس مقابلي ۽ غير قانوني ھٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ مھدي رضا ٽالپر ٻڌايو ته اسان روزانو جي معمول مطابق گشت ڪري رھيا ھُياسين ته علي اصحابو لنڪ روڊ تي ڳوٺ ڏاتو تيوڻا وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين پوليس کي ڏسي مٿن فائرنگ ڪئي جڏھن ته جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري بشير ميربحر زخمي حالت ۾ پستول سميت ۽ سندس ساٿي جوابدار منٺار ميربحر کي پڻ بندوق سميت گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته ٻه ڏوھاري فرار ٿي ويا آھن سندن ڳولھا پڻ جاري آھي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاري بشير ميربحر مٿان وڳڻ نصيرآباد سميت مختلف ٿاڻن تي قتل ڦر ڌاڙن سميت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن جڏھن ته علائقي ۾ اھي چوٻول آھن ته پوليس گذريل ڏينھُن عصر ويل ڳوٺ ٿرڙي ھاشم ۾ چڙھائي دوران بشير ميربحر ۽ سندس ننڍي ڀاءُ منٺار کي کنڀي کڻي وئي ھُئي جن کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ھڪ ڄڻي کي ھاء فراء ڪيو آھي.

Loading comments...