ڳوٺ شھداد خان برهماڻي سچارو جي رهواسي پورهيت گلزار برهماڻي جي پٽ سارنگ علي جي علاج لاءمددجي اپيل

2 years ago
1

السلام عليڪم سائين
ڳوٺ شھداد خان برهماڻي سچارو جي رهواسي پورهيت گلزار برهماڻي جي پٽ 5 سالا سارنگ علي جي علاج لاء مدد جي اپيل

پورهيت گلزار برهماڻي جو معصوم پنج سالا پٽ سارنگ علي برهماڻي معصوم نينگرکي دماغ جو ڪئينسر هئڻ سبب ان جي اک گهڻي سڄي وئي آهي جنهن جو علاج پنهنجي وس آهر گهر جو الهه تلهه وڪڻي سنڌ جي مختلف اسپتالن سيوهڻ، نوابشاهه، جناح اسپتال ڪراچي، انڊس اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ علاج ڪرايو آهي پر ڪوبه فرق ناهي ٿيو ڊاڪٽرن موجب سارنگ کي اک جو بلڊ ڪينسر ٿي ويو آهي جنهن جو علاج لاهور جي پرائيويٽ اسپتال ۾ ٿي سگهي ٿو پر هي پورهيت مسڪين غريب آهي انڪري اوهان سائين جن کي اپيل ٿي ڪجي ته پورهيت جي ٻچي جو علاج ڪرائڻ لاء مدد ڪئي وڃي ته جئين ان جي زندگي بچائي سگهجي

Loading comments...