پيارو اسٽيشن تي سيتاروڊ واسي محمد صديق چهواڻ جو ڪوڙو چيڪ ڏئي فراڊ ڪرڻ خلاف ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو

2 years ago
5

دادو رپورٽ بيورو چيف عرفان برهماڻي
پيارو اسٽيشن تي سيتاروڊ واسي محمد صديق چهواڻ جو ڪوڙو چيڪ ڏئي فراڊ ڪرڻ خلاف ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو
ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون کي نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جي گهر
متاثرمحمد صديق چهواڻ صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳائيندي چيو ته مان اٺ مهينا اڳ غلام قادر ملاح جو ضامن پيو هيس ۽ ان کي واپاري سيٺ ياسين علي سولنگي کان 700مڻ ساريون جيڪي يارنهن لک ستر هزار ماليت جون وٺرائي ڏنيون هيم جنهن عيوض ضمانت ۾ غلام قادر سولنگي ايم سي بي بينئڪ جو چيڪ ڏنو هيو هاڻ ٽائيم پورو ٿيڻ تي هو پئسا واپس نٿو ڪري واپاري ياسين سولنگي مون کي تنگ ڪري پئسا ڀرڻ تي زور ڀري رهيو آهي مان انتهائي غريب ماڻهون آهيان مونکي غلام قادر ملاح رقم واپس نٿو ڏئي ۽ ايس ايس پي عرفان علي سمون جي گن مين شاهنواز سولنگي سان گڏجي مون کي ڌمڪيون پيو ڏئي ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جو پيو چوي آئون ايس ايس پي عرفان علي سمون دادو کي هٿ جوڙي التجاء ٿو ڪيان ته هن معاملي جو تڪڙو نوٽيس وٺي منهنجي قانوني مدد ڪرائي ۽ بااثر ڌرين کان مونکي بچائي تحفظ فراهم ڪري ڏياريو وڃي ته جئين آئون پريشاني کان بچي سگهان هن وڌيڪ چتاء ڏيندي چيو ته اگر مونکي ڪجه به ٿيو ته مٿي ڄاڻايل ماڻهون ذميوار هوندا

Loading comments...