شادي شده نوجوان عورت 20 ورھين جي گل ناز ماڇي جو ڳوٺ ڀرسان جهنگ مان لاش هٿ آيو، جنهن کي پوسٽ مارٽم

2 years ago
1

چھول مير ريحان علي ٽالپر
#جھول_لڳ_عورت_جو_لاش_ھٿ

جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد بهڻ ۾ شادي شده نوجوان عورت 20 ورھين جي گل ناز ماڇي جو ڳوٺ ڀرسان جهنگ مان لاش هٿ آيو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگھڙ منتقل ڪيو ويو،ان حوالي سان عورت جي وارثن مڙس رياض ماڇي مٿان قتل ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي،
الزام هيٺ آيل مڙس رياض جو چوڻ آهي ته آئون ۽ منهنجي زال گهر ڀرسان جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويا ھئا سين، آئون گهر آيس پٺيان دانهون ٻڌي واپس پهتس ته منهجي زال تڙپي رھي ھئي بعد ۾ فوت ٿي وئي ،جهول پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪرايو جٿي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو،رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهول ياسر مغل ٻڌايو ته لاش اسپتال پهچايو آهي جتي ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد خبر پوندي ته عورت ڪيئن فوت ٿي آھي ان کانپوءِ رپورٽ جي آڌار تي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

Loading comments...