مسلسل ٻن مهينن کان بند پيل پاڻي جي فراهامي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن شهر ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي

2 years ago
3

پيارو اسٽيشن شھر ۾ رمضان شريف ۾ بہ ڪربلا جھڙو ماحول شھري پاڻي ڦڙي لاء پريشان شھرين کي گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جو ڍڪ نہ مليو شهري پري پري کان پيئسن تي پاڻي ڀرائڻ تي مجبور روزيدار راتين جون راتيون ويهي ۾ پاڻي لاء پريشان پبلڪ هيلٿ دادو چونڊيل نمائندا مسئلي کان ئي اڻڄاڻ شھري سورن ۾ وزير اعلي کان نوٽيس جو مطالبو،

پيارو شھر جي مختلف پاڙن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شديد ٿي ويو آھي شھر جا اڪثر پاڙا ھن وقت بہ پاڻي ڊڪ لاء پريشان آھن پيارو شھر جي برهماڻي پاڙي . ملاح پاڙي پاڙي . پنهور پاڙي . سميت اڪثر پاڙن ۾ گذريل پندرھن ڏينھن کان واٽر سپلائي جو پاڻي بند آھي، جنھن سبب رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ بہ شھري پاڻي ڍڪ لاء پريشان آھن، جنهن تي شھرين جو چوڻ ھو تہ شھر ۾ گذريل ٻن مهينن کان واٽر سپلائي جو پاڻي نہ پيو پھچي اسان پري پري کان پاڻي ڀري يا پيئسن تي پاڻي ڀرائي پيئڻ لاء ڪتب پيا آڻيون جڏھن تہ اسان پوئين ٻن ھفتن کان واٽر يا شاخ ۾ وھنجون پيا پر اسان جي گهر جا ڪپڙا ڪٿي ڌوئجن ۽ رڌ پچاء ڇا ڪيئن ٿئي شھرين چيو تہ اسان کي رياست طرفان ٻيون تہ ڪي خاص سھولتون ناھن پر پاڻي تہ اسان جو بنيادي حق آھي اھو بہ نہ ملي تہ اسان کي رياست کي ٽيڪس ڏيڻ جو ڪھڙو فائدو شھرين نبي بخش ملاح، نبن چانڊيو، سعيد برهماڻي ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميه ان حوالي سان ڪو بہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي سرندي وارا تہ پيئسن تي پاڻي ڀرايون ڪم ھلائن پيا پر اسان غريب جيڪي ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھيون اھي ڪٿان پيئسن تي پاڻي وٺون انتظاميا تہ اسان سان ڪربلا جھڙو قھر ڪيو ويٺي آهي،

شهرين پبلڪ هيلٿ انجنيئر دادو ڊي سي او دادو سيشن جج دادو ۽ چونڊيل نمائدن کان مطالبو ڪندي چيو ته پيارو اسٽيشن تي مسلسل ٻن مهينن کان بند پيل پاڻي جي فراهامي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن شهر ۾ پاڻي مسئلو حل ٿي وڃي ۽ اسان شهري سک جو ساھ کڻي سگهون،

Loading comments...