Premium Only Content

21 رمضان شريف حضرت علي عليه السلام جي شھادت جي ڏينهن جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد
وڳڻ رپورٽ عاشق علي مغيري
وڳڻ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو چيو آهي ته 21 رمضان شريف حضرت علي عليه السلام جي شھادت جي ڏينهن جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ سان گڏ اسٽريٽ لائيٽنگ، پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، بجلي سميت سڪيورٽي کي هاءِ الرٽ رکيو وڃي ۽ جن حساس علائقن ۾ پوليس جي نفري گھٽ آهي اتي فوري طور تي نفري وڌائي ۽ امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ضلعي اندر امن امان جي فضا کي قائم رکڻ ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سڳورن جو هميشه مثبت ۽ اهم ڪردار رهيو آهي هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊي سي آفيس قمبر درٻار هال ۾21 رمضان شريف حضرت علي عليه السلام جي شھادت جي ڏينهن جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته 21 رمضان شريف حضرت علي عليه السلام جي شھادت جو ڏينهن آهي ان دوران ڊاڪٽرن ۽ عملي جون ايمرجنسي ڊيوٽي لڳائي 24 ڪلاڪ سندن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صفائي سٿرائي، بجلي، پاڻي يا ٻي ڪا به شڪايت هجي ته پنهنجن پنهنجن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سان رابطو ڪري انهن کي حل ڪرايو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته مجلسن ۽ جلوسن دوران شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ اهڙو اطلاع ضلعي انتظاميه، رينجرز يا پوليس کي فوري طور تي ڏنو وڃي. اجلاس ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سڳورن پاران پنهنجا پنهنجا مسئلا پڻ پيش ڪيا ويا ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ سمورن جائز مسئلن جي فوري حل لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ بشير احمد بروهي چيو ته اسان جا جوان هر وقت الرٽ آهن دشمن جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان داخلي ۽ خارجي رستن تي غير معمولي سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن ۽ ضلعي اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته 21 رمضان شريف حضرت علي عليه السلام جي شھادت جي ڏينهن دوران ضابطه اخلاق ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرايو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي ۽ سڀني جي جائز مسئلن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ممتاز ڊي ايس آر رينجرز، پوليس ۽ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ٻين لاڳاپيل آفيسرن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن سڳورن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
-
4:19:58
SynthTrax & DJ Cheezus Livestreams
1 day agoFriday Night Synthwave 80s 90s Electronica and more DJ MIX Livestream BLACKLIGHT Edition
107K7 -
5:06:26
VapinGamers
12 hours ago $2.95 earned🎮🔥 Fortnite/Farlight 84/COD - Maybe Dubs, Maybe Losses, Always Fun! - !upgrade
43.8K2 -
4:03:01
TheNateVibez
11 hours agoGood Times & Friday Vibes✌ - Fraggin💥- ArmyVet🫡
62.8K6 -
4:28:12
KataJade
12 hours agoHappy Apex Friday
48.7K1 -
5:03:59
The tooth entertainment
10 hours agoGears Of War Judgment Livestream lets get to 300 followers #GamingOnRumble
66.2K1 -
6:49:22
xBuRnTx
14 hours agoHappy Friday Everyone!
53K2 -
2:34:48
Laura Loomer
13 hours agoEP112: MS-13 EVICTED By President Trump
93.1K53 -
2:53:28
Toolman Tim
11 hours agoCommunity Gaming Night!! | Among Us
51.3K4 -
2:34:47
GamerGril
11 hours agoMost Dangerous Gril This Side Of The Mississippi
39K3 -
3:44:43
ZWOGs
12 hours ago🔴LIVE IN 1440p! - FiveM Fridays!! GTAV RP!! | Dwindle Digby | - Come Hang Out!
29.9K1