وڳڻ شهر جي سومرا محلا جي رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارم تبديل نه ڪرڻ ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شھيد

2 years ago
1

وڳڻ رپورٽ عاشق علي مغيري

وڳڻ شهر جي سومرا محلا جي رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارم تبديل نه ڪرڻ ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شھيد مرتضٰي ڀٽو چونڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاھرين امير علي سومرو ، سردار احمد سومرو ، اعجاز وڳڻ ، ضمير علي سومرو، صادق سومرو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ شهر جي سومرا محلا جو سڙيل ٽرانسفارمر گذريل 15 ڏيهن کان وٺي تبديل ناهي ڪيو ويو رمضان شريف جو ڀلارو مهينو آھي ۽ سڀ روزائت آھن بجلي نہ هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا توڙي پيرسن به تمام گهڻو پريشان آھن بجلي بحال نہ ٿيڻ سبب شهر وارن سان وڏو ظلم آهي جڏهن ته گرمي سبب رات جاڳي گزاريون ٿا بجلي غائب رهڻ معمول بڻيل آهي مظاهرين وڌيڪ چيو ته بجلي جي غير اعلانيا لوڊشيڊنگ سبب روزگار ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون اعلي عملدارن کان ته نوٽيس وٺي بجلي جي بندش جو آزار ختم ڪرائي محلي ۾ نئون ٽرانسفارم لڳائي ڏنو وڃي نت ٻئي صورت ۾ ڪراچي لاڙڪاڻو مين انڊس ها۽ وي کي بلاڪ ڪيو ويندو

Loading comments...