ميھڙ ڀرسان ڳوٺ مشتاق جهتيال ۾ پورھيت صحبت ۽ حزب الله جھتيال جي 18 جريب ڪڻڪ جي فصل کي چانڪ باه لکئين

2 years ago
2

ميھڙ()
ميھڙ ڀرسان ڳوٺ مشتاق جهتيال ۾ پورھيت صحبت ۽ حزب الله جھتيال جي 18 جريب ڪڻڪ جي فصل کي چانڪ باه لکئين روپين جي ڪڻڪ سڙي وئي ڪڻڪ جو فصل سڙي وڃڻ تي پورھيت ڏک منجھان لڙڪ ھاري ويٺو جڏنھن تہ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي فائربرگيڊ گاڏي باه وسائڻ ويندي رائيس ڪينال ۾ ڪري پئي علائقي واسين ڊرائيور کي بچائي ورتو آھي ڊرائيور موجب ٿرڙي محبت ڀرسان باه جو اطلاع مليو ھو جنھن کي وسائڻ جي لاء رائيس ڪينال مان پاڻي ڀريون پيا ته گاڏي رائيس ڪئنال ۾ ھلي وئي علائقي واسين پھچي مونکي باھر ڪڍيو آھي علائقي واسين موجب 18 جريبن جي ڪڻڪ جي ديري کي باہ لڳي ھئي جنھن کي وسائڻ لاء فائربرگيڊ گاڏي جي ڊرائيور کي اطلاع ڏنو ھو پر ڊرائيور چانھ پيئڻ لاء ٿرڙي محبت ۾ رائيس ڪئنال جي ڪپ تي گاڏي کي بيھاري رھيو ھو ته گاڏي جي بريڪ فيل ٿيڻ جي ڪري گاڏي ڪنٽرول مان نڪري رائيس ڪئنال ۾ ڪري پئي ماڻھن پھچي ڊرائيور کي بچائي ورتو آھي جڏنھن ته فائربرگيڊ گاڏي نه پھچڻ جي ڪري 18 جريبن جي ڪڻڪ سڙي وئي آھي متاثر پورھيت پاران ڪڻڪ سڙي وڃڻ تي ڏک منجھان روئي ويٺو آخري اطلاع تائين باه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه تي سگھيو آھي

Loading comments...