ڀان سيدآباد ۾ هاليپوٽا برادري طرفان ٻئي ڏينهن به غير قانوني ايف آء آر داخل ٿيئڻ ۽ پوليس جي زيادتين

2 years ago
5

ڀان سيدآباد ۾ هاليپوٽا برادري طرفان ٻئي ڏينهن به غير قانوني ايف آء آر داخل ٿيئڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف علامتي بک هڙتالي ڪئمپ جاري

تفصيل موجب هاليپوٽا برادري طرفان پريس ڪلب ڀان سيدآباد ۾ اوٺا برادري ۽ سيوھڻ ۽ ماهي اوٺو پوليس جي زيادتين خلاف بخشل هاليپوٽو عبدالغفور محمد رمضان هاليپوٽو ۽ زخمي صيفل خشڪ محمد شريف چانڊيو جي وارثن جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري سخت نعري بازي

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته ماهي اوٺو ٿاڻي جي حد ۾ ڪجه ڏينهن اڳ اوٺا برادري ذرعي زمين تي هٿيار بند ساڻ ڪري اچانڪ حملو ڪري ڏنو هيو سڄڻ هاليپوٽو ۽ ان جي هارين کي قتل جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جا 4 هاري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا جن مان صيفل خشڪ محمد شريف چانڊيو نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ موجود آهن هن ۽ ٻه ڄڻا سڄڻ ۽ هڪ هاري اوٺا برادري طرفان اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي خدشا آهن ته انهن کي قتل ڪيو ويو آهي مسلسل زيادين باوجود پوليس اسان جي فرياد وٺڻ لاء تيار ناهي پوليس جي نااهلي سبب هاليپوٽا ۽ اوٺا برادري ۾ تڪرار تيز ٿيو آهي پوليس روائتي طور ڳري رشوت وٺي هاليپوٽا قوم جي چڱي مڙس سردار نور نبي هاليپوٽو ۽ سندس خاندان تي پڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري وڏي نا انصافي ڪئي آهي ان کان علاوه 29 ڄڻن تي هڪ وڌيڪ ڌاڙي جو ڪوڙو ڪيس ٻيهر داخل ڪيو ويو آهي هاليپوٽا برادري جا 6 ڄڻا زخمي هجڻ ۽ هاليپوٽا برادري کي ٽي دفعا لڳل ڌاڙن باوجود پوليس هڪ به فرياد ناهي ورتو جن جا مڪمل ثبوط پڻ موجود آهن مسلسل بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل آهيون پر ايس ايس پي ڄامشورو جي۽ اختيار ڌڻين خاموش تماشائي بڻيل آهن انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ اڄ هاليپوٽا برادري جي تنظيمن سان اهن گڏجاڻي رکي وئي آهي جلد فيصلا ڪن تحريڪ موجب پوري سنڌ جي انڊس هاء وي تي احتجاج ڌرڻا هنيا ويندا بعد ۾ نيشنل هاء وي مڪمل طور بلاڪ ڪري انصاف ملڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو جيڪو به نقصان ٿيو ان جو ذميوار ايس ايس پي ڄامشورو هوندو..

Loading comments...